اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي قوم کي پائيدار امن فراهم ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ ڪو??شن جو اعتراف ڪندي پاڪستان مان ده??تگردي جي خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، اجلاس پوري قوم ۽ حڪومت سان گڏجي ج??مع آپر??شن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني جيڪو هڪ نئين جذبي ۽ عزم ۽ همت سان ملڪ کي ده??تگردي جي لعنت کان پاڪ ڪندو، ده??تگردي جي خاتمي لاءِ ٺوس ڪو??شن جي ڏس ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا ٻن هفتن ۾ ان تي عملدرآمد ۽ ان جي حدن بابت سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 41 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هي اجلاس 2 جنوري 2023ع تي پشاور پوليس لائينز ۾ ده??تگردي جي حملي کانپوءِ منعقد قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي تسلسل ۾ ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ 7 اپريل 2012ع تي گياري سيڪٽر سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. اجلاس جامع قومي سلامتي تي زور ڏنو جنهن ۾ عوام جي ريليف کي مرڪزي حيثيت قرار ڏنو ويو ۽ فورم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ان ڏس ۾ قدم کڻي رهي آهي. اجلاس قوم کي پائيدار امن فراهم ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ ڪو??شن جو اعتراف ڪيو. فورم پاڪستان مان ده??تگردي جي خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي ده??تگردي جي تازي لهر کي ٽي ٽي پي (دهشتگرد قرار ڏنل تنظيم) سان نرم گوشي ۽ غور فڪر کانسواءِ ٻڌل پاليسي جو نتيجو قرار ڏنو جيڪو عوامي اميدن ۽ خواهشن جي بلڪل ابتڙ آهي جنهن جي نتيجي ۾ ده??تگردن کي بنا رڪاوٽ واپس آڻڻ جي نه رڳو اجازت ڏني وئي پر ٽي ٽي پي جي خطرناڪ ده??تگردن کي اعتمادسازي جي نالي تي جيلن مان آزاد به ڪيو ويو، واپس ايندڙ انهن خطرناڪ ده??تگردن ۽ افغانستان ۾ وڏي انگ ۾ موجود مختلف ده??تگرد تنظيمن پاران مدد ملڻ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام منتشر ٿيو، جيڪو بي شمار قربانين ۽ مسلسل ڪو??شن جو ثمر هو. اجلاس پوري قوم ۽ حڪومت سان گڏجي ج??مع آپر??شن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني جيڪو هڪ نئين جذبي ۽ نئين عزم ۽ همت سان ملڪ کي ده??تگردي جي لعنت کان پاڪ ڪندو. پاڪستان مان هر طرح ۽ هر قسم جي ده??تگردي جي ناسُور جي خاتمي لاءِ ان مجموعي ۽ جامع آپر??شن ۾ سياسي، سفارتي سيڪيورٽي، معاشي ۽ سماجي سطح تي ڪوششون پڻ شامل هونديون، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطح جي هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا ٻن هفتن ۾ ان تي عملدرآمد ۽ ان جي حدن بابت سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ مقتدر انٽيلي جنس ايجنسي جي ڪامياب آپر??شن کي ساراهيو ويو جنهن ۾ هن انتهائي گهربل ده??تگرد گلزار امام عرف شمبي کي گرفتار ڪيو جيڪو ده??تگرد بلوچ نيشنل آرمي ۽ ”براس“ جو باني ۽ اڳواڻ ۽ هڪ عرصي کان مختلف ده??تگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هو. ڪميٽي وڌندڙ نفرت انگيزي، معاشري ۾ ورڇ ۽ هدفن جي آڙ ۾ رياستي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف ٻاهرئين اسپانسرڊ زهريلي پروپئگنڊه سوشل ميڊيا تي ڦهلائڻ جي ڪو??شن جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان سان قومي سلامتي متاثر ٿئي ٿي. ڪميٽي ملڪ دشمنن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين ۽ مسلسل ڪو??شن سان حاصل ٿيندڙ امن امان کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش کي يقيني بڻايو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، دهشتگردي جي خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز