اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ?? جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بل??چستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، بل??چستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بل??چستان عوامي پارٽي جا پارلياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ