اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريقي ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفار??خا??ا قائم ڪيا ويا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ ايٿوپيا ج?? سفار??خا??ي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا ج?? سفار??خا??ي جي قيام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ايٿوپيا ج?? پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ ايٿوپيا ج?? سفار??خا??ي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا ج?? پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ سفار??خا??ي جي افتتاح سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين ت??ريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا ج?? سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا ايٿوپيا ج?? لاءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا ج?? سفار??خا??ي جو افتتاح ڪيو ۽ سفار??خا??ي ۾ ايٿوپيا ج?? جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب ايٿوپيا ج?? سفار??خا??ي جو افتتاح پاڪستان ۽ ايٿوپيا ج?? وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت