اسلام آباد-05 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نوجوان ذهنن کي ??ميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسان جو ??زم آهي ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن پُرمسرت موقعي تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿ?? جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوان ذهنن کي ??ميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ اوهان جو ڪردار قدر جوڳو آهي، هن چيو ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ??تم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ ??اءِ پر??زم آهيون، اسان کي پنهنجي شاگردن کي گلوبل ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن استادن کي ??ديد ترين تدريسي طريقن سان بااختيار بڻائڻ ??اءِ مسلسل پيشيوراڻي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ايندڙ نسل جي پرورش ۾ اوهان جي لگن واکاڻ جوڳي آهي.
نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل