اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان سوئيٽ هوم معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي، ??اڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن زندگي جي سمورن شعبن ۾ پن??نج?? صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان سوئيٽ هوم جي سرپرست اعليٰ زمرد خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي زمرد خ??ن جي پاڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زمرد خ??ن جو اڻٿڪ جذبو ?? پاڪستان سوئيٽ هوم جي ذريعي يتيمن ۽ ضرورتمند ٻارن جي خدمت قابل رشڪ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي زمرد خان چيو ته پاڪستان سوئيٽ هوم اڄ پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي، ??اڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني پئي وڃي، اميد آهي اهي ٻار مستقبل ۾ ملڪ جي اهم شعبن ۾ پن??نج??ن خدمتون سرانجام ڏيندا.
پاڪستان سوئيٽ هوم معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی