راولپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد ??اص?? منير چيو آهي، ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. هو اسٽرائيڪ ڪور ??ي ڪور ??طح جي اجتماعي تربيتي مشق ج?? دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارحاڻي آپريشنل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽي-4 ٽينڪن سان ليس آرمڊ فارميشن جي قيادت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو. جنرل سيد ??اص?? منير مشق ۾ حصو وٺندڙ ف??جي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، عملي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڊگهي مدي وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ خطرن جي ماحول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن ر??ت جي آپريشنز ۾ حاصل مهارت جي به واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي. ان کان اڳ آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪور ??رمي چيف جو استقبال ڪيو.
امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن