اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي س?? پيڪ منصوبن جي تڪميل جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن تي پيشيواراڻي انداز ?? ڪم جاري آهي، آل پاڪستان چائنيز انٽر پرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر جي س??ڙپڪاري ڪئي ۽ 85 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار ڏنو، اطلاع??ت واري ??زارت چائنيز انٽرپرائيزز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ” سي پيڪ جا 19 سال“ جي عنوان سان رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاع??ت واري ??گران وفاقي وزير پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي تقريب دنيا جي سامهون چائنيز انٽرپرائيزز پاران پاڪستان ۾ ڪيل اهم ۽ شاندار ڪم کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ چائينز انٽرپرائيزز جي ڪوششن کي فروغ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن به اهڙو نٿو گذري جڏهن اسان ميڊيا تي س?? پيڪ منصوبن ۾ چائنيز انٽرپرائيز پاران ٿيندڙ اڳڀرائي بابت نه ٻڌندا هجون. چائينز انٽرپرائيزز جنهن پيشيواراڻي مهارت ۽ مستقل مزاجي سان عالمي وبا جي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري رکيو جڏهن دنيا جي اٽڪل هر منصوبي ۾ رڪاوٽون هيون، پاڪستان ۽ چين جي حڪومت سان گڏوگڏ عالمي ميڊيا پڻ انهن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 بلين ڊالر جي س??ڙپڪاري ڪئي آهي ۽ 85 هزار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو جيڪو سي پيڪ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي گيم چينجر منصوبي جي تصور جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي رپورٽ ۾ پائيدار ترقي جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جيڪا رڳو موٽرويز ۽ پاور پلانٽس تائين محدود نه آهي پر ماضي ۾ ٿر ۽ گوادر جهڙي نظراندز ڪيل علائقن ۾ مقامي ڪميونٽيز کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ پاران تيار ڪيل ان دستاويزي فلم جنهن ۾ پورٽ قاسم ڪول پاور پلانٽ تي عورتون ڊمپر ٽرڪس هلائي رهيون آهن، جو ذڪر ڪندي چيو ته هي اها تبديلي آهي جيڪا اسان کي دنيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گوادر ۾ فقير پرائمري اسڪول ۽ پاڪ چائنا ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ چائنيز انٽرپرائيزز پاران آندل تبديلي جا جز آهن. نگران وفاقي وزير گرين ڊيولپمينٽ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيلز، زراعت ۽ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ وڌندڙ تعاون کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تازو ئي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي، ان دوري دوران ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو، اهم مسئلن تي هڪ ٻئي جي لاءِ حمايت کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي اهميت تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ان فورم ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي بي آر آءِ تحت هڪ اهم منصوبي طور تسليم ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين ان جي ترقي کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون جن ۾ انفراسٽرڪچر، مائننگ، صنعت، گرين ڊيولپمينٽ، صحت، اسپيس ڪوآپريشن، ڊيجيٽل معيشت ۽ ٻيا شامل آهن. ٻنهي ملڪن علائقائي امن، استحڪام ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڏنو. نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل 70 سالن ۾ دوستاڻي مشاورت ۽ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ٻنهي آئرن برادرز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي اتفاق راءِ ۽ گڏيل اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشري??ت واري ??زارت گڏيل مفادن جي شعبن ۾ چائنيز انٽرپرائيزز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته اطلاع??ت واري ??زارت جي لاڳاپيل اداري ??اڪستان ٽيليوزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان اڳ ۾ ئي ميڊيا تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي چيني ادارن سان منظم فريم ورڪ ۾ مشغول آهن. هن ان موقعي تي س?? پيڪ منصوبن ۾ عوامي جمهوريه چين جي س??ارتخاني جي تعاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
سي پيڪ منصوبن تي پيشيواراڻي انداز ۾ ڪم جاري آهي، آل پاڪستان چائنيز انٽر پرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي 85 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار ڏنو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria