اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ا?? سي او ج?? سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??ار??ن جاري بيان موجب ا?? سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ا?? سي او جي قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي دور ۾ ا?? سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊ?? کان آگا??ه ڪيو. نائب وزيراعظم تنظيم جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي خدمتن کي ساراهيو. هن ا?? سي او جي ميمبر ملڪن ۽ ا?? سي او جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي آگسٽ ۾ ا?? سي او ج?? سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر اسد مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي دور ۾ خسرو نوزيري جي سٺي ڪم کي جاري رکندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک