اٽڪ – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد ??ي گهر ويو، پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي اي??ال ثواب لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد کي ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج ??قيدت پيش ڪيو. صدر پونئيرن سان ڳالهائيندي چيو ته عزير محمود ملڪ شهيد خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر شهيدن تي فخر آهي، اهي بي مثال قربانيون قوم کي جلا بخشين ٿيون. هن چيو ته دهشتگردي جي پاڙ کان خ??تم?? جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے