اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ زندگي خطري ۾ وجهي انسانيون حياتيون بچائڻ بهادري آهي، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله تي پوري قوم کي فخ?? آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي علائقي قلعه عبدالله ۾ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله سان ڳالهائيندي ڪيو. هن محب الله کي 25 لک رپيا انعام ڏنو ۽ سندس ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ٻين سهولتن جو پڻ اعلان ڪيو. هن وز??راعظم هائوس اچڻ تي محب الله کي ڀليڪار چيو. وز??راعظم محب الله جي انساني حياتيون بچائڻ جي جذبي کي ساراهيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وز??راعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وز??راعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وز??راعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي توهان تي فخ?? آهي. توهان جي انسانيت سان محبت جي جذبي جي دل سان قدر ڪريان ٿو. وز??راعظم چيو ته توهان قوم جا هيرو آهيو، توهان همت سان ڪم وٺي قيمتي انساني حياتيون بچايون. اهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي انساني حياتيون بچائڻ بهادري جو ڪم آهي. وز??راعظم محب الله جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس حڪومت پاران 25 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وز??راعظم محب الله جي ٻارن جي لاءِ يونيورس??ي تائين جي تعليم مفت ۽ ان جي خاندان کي صحت جي مفت سهولتن جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي محب الله وز??راعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ماڻهن جون حياتيون بچائڻ وقت قطعي طور تي اهو نه سوچيو هو ته اها ڳالهه پوري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندي. هن چيو ته وز??راعظم ۽ حڪومت جو ٿورا??تو آهيان جو هن ان قدم کي ساراهيو ۽ منهنجي لاءِ قيمتي وقت ڪڍيو. وز??راعظم هائوس ۾ وز??راعظم پاران عزت افزائي تي دل سان ان جو ٿورا??تو آهيان.
ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله تي پوري قوم کي فخر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی