اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار سان سي??سي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اس??ٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب سي??سي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم اس??اق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي اس??حڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. و??تي انڊر سيڪريٽري آمريڪا ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ??يرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو ??ظهار ڪيو.
اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا