تهران -21 آڪٽوبر (ايپي يپ ) ايران ان ڳالهه جو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو پنهنجي ايٽمي ٺڪا??ن تي ڪنهن به اسرائيلي حملي جو سخت جواب ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسرائيل جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ته جوابي ڪارروائي لاءِ اسان به دشمن جي علائقن جي نشاندهي ڪري ويٺ?? آهيون. سندس چوڻ آهي ته ايران تي ڪنهن به قسم جي حملي جو مطلب انتهائي حد پار ڪرڻ آهي. حملو ٿيو ته اسان خاموش نه رهنداسين اسرائيل کي تباهه ڪندڙ جواب ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ ??سرائيل ۾ اقتصادي يا شهري ٺڪا??ن تي حملو ناهي ڪيو پر رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته جنگ جي صورت ۾ آمريڪا به لپيٽ ۾ ايندو اسان اهو نٿا چاهيون پر آمريڪا کي پاڻ کي جنگ کان پري رکڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil