ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) رڳو موجوده ئي نه پر ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ شاندار ثمر رکندڙ منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان سميت وسيع تر خطو فائدو کڻندو. هن اها ڳالهه سي پيڪ سمٽ کي خطاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام ڊان ميڊي?? گروپ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 3 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ اهو منصوبو هڪ حقيقت بڻجي چڪ?? آهي. هن چيو ته ان منصوبي پاڪستان کي مجموعي ترقي ۽ خوشح??لي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس