اسلام آباد – 08 اپريل (اي پ?? پي) گلگت بلتستان کي عبوري ص??بو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون ا??لاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ??ان??واءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري ص??بي جي قيام جي حوالي سان گلگت بلتستان ا??يمبلي جي متفقه قرارداد گلگت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري ص??بي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصي??ي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي عبوري ص??بو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.
گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی