اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو سج جلد اڀرندو ۽ افغان عوام جي 40 سالا ڏکن جي داستان ختم ٿيندي، افغانستان ۾ مستحڪم نظام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان ڪابل مان پرڏيهي شهرين کي ڪڍڻ جي لاءِ فضائي ۽ زميني رستي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون، افعانستان مان انخلا جي لاءِ اسان جي ??وششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، پي آءِ اي واحد ايئر لائين آهي جنهن مزار شريف ۾ امدادي سامان پهچايو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت چونڊ سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏنو، چونڊ سڌارن تي مخالف ڌر جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين، وفاقي ڪابينا سيڪٽر اي اليون ۾ سي ڊي اي جي عملداري کي يقيني بڻائڻ، ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ گهٽتائي جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبي جي پهرين مرحلي جي شروعات هلندڙ هفتي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چ??و ته دعاگو آهيون ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو سج جلد اڀري، وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي ڪابينا افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، افغانستان ۾ حڪومت سازي افغان عوام جو حق آهي. هن چ??و ته افغان عوام جي هر ممڪن مدد جي لاءِ پرعزم آهيون، انهن کي هر ممڪن ريليف ڏيڻ جي ??وشش ڪنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغان عوام جي 40 سالا ڏکن جي داستان جلد ختم ٿيندي، افغانستان ۾ مستحڪم نظام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، علائقائي ۽ عالمي قوتن سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته پي آءِ اي واحد ايئر لائين آهي جنهن مزار شريف ۾ امدادي سامان پهچايو، فضائي لنگهه ذريعي ورلڊ فوڊ پروگرام سميت ٻيا ادارا افغانستان ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته اسان جي ??وشش آهي ته پرڏيهين جي انخلا ۾ وڌ کان وڌ مدد فراهم ڪئي وڃي، سمورن خواهشمند پاڪستاني خاندانن کي ڪابل ۽ ڀرپاسي مان ڪڍيو ويو آهي، باقي ڪجهه ماڻهو پنهنجي مرضي سان اتي رهيل آهن. هن چ??و ته هيستائين 10 هزار 302 پرڏيهي شهرين جي افغانستان مان انخلا ۾ مدد ڪري چڪا آهيون، اسان جو عزم آهي ته سمورن ماڻهن کي افغانستان مان انخلا ۾ مدد ڏينداسين ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به قوميت سان هجي. هن چ??و ته طورخم سرحد تان ويزا جي ذريعي 2400 ماڻهو پاڪستان آيا، انهن ۾ 825 افغاني ۽ 1570 پاڪستاني آهن. هن چ??و ته چمن سرحد تان 27 ماڻهو پاڪستان آيا، انهن ۾ 10 افغاني آهن، چمن بارڊر تي معمول جون واپاري سرگرميون جاري آهن، افغانستان مان نيٽو ۽ ان سان لاڳاپيل 10 هزار 302 ماڻهو پاڪستان آيا، انهن مان 9 هزار 32 لاڳاپيل ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويا، 1229 باقي آهن جن مان 545 افغان ۽ 684 ٻيا آهن انهن مان 155 آمريڪي هئا جيڪي روانا ٿي ويا آهن جڏهن ته فورسز جا 42 ماڻهو (اڄ) اڱاري ڏينهن روانا ٿيندا، ان کانپوءِ ڪو آمريڪي پاڪستان ۾ موجود نه رهندو، ڪابل مان انخلا جي لاءِ فضائي ۽ زميني رستي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون، افغانستان مان عالمي تنظيمن جي اهلڪارن جي انخلا ۾ پاڪستان جي مدد کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي. اطلاعات واري وزير چ??و ته ڪابينا اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي ايل پي جي سلينڊر جي قيمت هيٺ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر کي قيمتون گهٽ ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار اجلاس کي اليڪٽرانڪ مشينن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي راءِ جو حق ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته چونڊ عمل سان لاڳاپيل سمورين ڌرين آڏو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي عملي ڪارڪردگي جو مظاهرو پيش ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو عملي نمونو پيش ڪيو ويو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار 2013ع جي اليڪشن جي حوالي سان اٿاريل خدشن جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ انڪوائري ڪميشن جي سفارشن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته اليڪٽرانڪ مشينن کي متعارف ڪرائڻ سان سمورن خدشن کي ختم ڪيو ويندو. وزيراعظم چ??و ته سڌارن جو مقصد ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي بهتري آهي. شفاف ۽ اعتماد جوڳي اليڪشن جمهوريت جي اصل طاقت آهي، بيلٽ پيپر بابت خدشن کي رڳو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??و ته موجوده حڪومت پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ان معاملي تي ڌيان نه ڏنو جڏهن ته مخالف ڌر چونڊ سڌارن جي حوالي سان سنجيده نظر نه اچي رهي آهي، چونڊ سڌارن جي حوالي سان مخالف ڌر جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين، حڪومت چونڊن جو طريقيڪار غيرجانبداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ چاهي ٿي ڇو ته ان کانسواءِ جمهوريت جو تصور نه آهي، پاڪستان جي مسئلن جو واحد حل رڳو جمهوريت آهي، اڪثريت جا فيصلا مڃين ۽ قانون تي عملدرآمد ٿئي، جيڪڏهن قانون تي عملدرآمد ٿئي ته شهباز شريف مزار قائد تي نه پر اڊيالا جيل ۾ هوندو، هو ڌڪي سان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ان کي مريم نواز (ن) ليگ ۾ شامل نه ٿي ڪرڻ چاهي. هن چ??و ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو چونڊ سڌارن ۽ پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي خلاف محاذ ٺاهي ڇڏيو آهي جڏهن ته هنن ان بابت ڪجهه پڙهيو ئي نه آهي. هن چ??و ته موجوده حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ خاص قدم کنيا آهن، ننڍن ڏوهن ۾ قيد 16 هزار 272 پاڪستانين کي ٻاهرئين ملڪ مان وطن واپس آندو ويو آهي، ماضي جي حڪومتن غريبن ۽ مزدورن تي ڌيان نه ڏنو، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ غريب مزدورن جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چ??و ته روس سان توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۽ روس جي تعاون سان 3 ارب ڊالر جو گئس پائيپ لائين منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، ان منصوبي سان روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، وزيراعظم عمران خان روس جي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، پرڏيهي وزارت ذريعي ان دوري کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي برطانوي هم منصب سان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جي ??الهه ڪئي، ان حوالي سان وزيراعظم جي قومي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ برطانيا جي ??يف ميڊيڪل سائنٽسٽ جي وچ ۾ تفصيلي ويهڪ ٿيندي، اهو پاڪستاني ڪميونٽي جي لاءِ اهم معاملو آهي. ڪابينا کي ڪورونا ويڪسي نيشن مهم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته گذريل ڏينهن 14 لک ويڪسين لڳايون ويون. اجلاس کي سرڪاري ادارن جي ملازمن جي ويڪسي نيشن ۾ اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن ادارن جا سربراهه ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سمورن سرڪاري ملازمن جي ويڪسي نيشن کي يقيني بڻايو وڃي، 17 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي به ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اين سي او سي جي ??ورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي قدمن کي ساراهيون ٿا، مزدورن جي لاءِ بوسٽر ويڪسين مفت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڳ ۾ ان جي قيمت 1270 ر??يا مقرر ڪئي وئي هئي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته وفاقي گادي وارو شهر قائم ڪرڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جيئن ته اي اليون سيڪٽر ۾ ڪجهه ڳوٺ آباد هئا جن ۾ وڏي ڳوٺاڻي آبادي گولڙه ۾ موجود هئي ان لاءِ 5 جون 1968ع تي فيصلو ڪيو و??و ته سي ڊي اي ان سيڪٽر ۾ زمين حاصل نه ڪري. ان وقت جي ??ابينا 27 جون 1968ع تي ان فيصلي جي توثيق ڪئي. بعد ۾ ڪجهه علائقن کي سي ڊي اي پاران پنهنجي دائري ۾ آندو ويو جڏهن ته اي اليون سيڪٽر جي ??جهه حصن کي سي ڊي اي جي دائري ۾ نه آندو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته ان جي ??ري گولڙه روينيو اسٽيٽ جا ڪجهه علائقا اهڙا آهن جتي بنا ڪنهن منصوبابندي جي آباديون قائم آهن، ڪجهه جاين تي پرائيويٽ طور تي بنا ڪنهن قاعدن ۽ منصوبابندي جي ??هڻ ماڙ عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن. بنا ڪنهن منصوبابندي عمارتن جي تعمير ۽ آبادين جي ??ري ٿيندڙ نقصانن ۾ اربن فلڊنگ، رستن جي بي ترتيب تعمير، سالڊ ويسٽ کي گڏ ڪرڻ جو ڪو مناسب انتظام نه هجن، ڪچري جو نديءَ نالن ۾ اڇلائڻ، ٽريفڪ جي مسئلن ۽ اهڙي طرح جي ٻين مسئلن جنم ورتو آهي جنهن سان وفاقي گادي واري شهر جي ماحوليات کي سخت خطرا آهن. انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکندي ڪابينا 1968ع ۾ ڪابينا پاران ڪيل فيصلي کي واپس وٺڻ جي منظوري ڏيندي سي ڊي اي کي اختيار ڏنو آهي ته اي اليون سيڪٽر ۾ سي ڊي اي جي قاعدن جي عملداري کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته ان علائقي ۾ هائيڊرو لاجيڪل سروي ڪرائي ويندي. هن چ??و ته واپاري شعبي جي فروغ خاص طور تي ٻاهرئين دنيا سان ملڪي واپار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ عالمي واپار دوران ڪنهن به تڪرار کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي حوالي سان اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ تحت ”ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن آرگنائيزيشن“ قائم ڪئي وئي. ان اداري جي ??ارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل قانون جو مسودو ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويو. ڪابينا تجويز ڪيل قانون جي مسودي کي ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. هن چ??و ته ڪابينا اجلاس کي تازن مثبت اقتصادي انگن اکرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته موجوده حڪومت جي پهرين سال ۾ 7.60 ٽريلين قرض، ٻئي سال 3.60 ٽريلين ۽ ٽئين سال 1.7 ٽريلين ر??يا قرض ورتو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته حڪومت پاران ڪجهه قرض ان لاءِ ورتو وڃي ٿو ته جيئن ملڪي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته ڊيبٽ ٽو جي ??ي پي تناسب ۾ گهٽتائي جو رجحان حوصلي جوڳو آهي. اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 25 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. انهن فيصلن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي شام کي ڏني ويندڙ امداد، چين پاران درآمد ڪيل 12 ڊرونز تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز ۾ ڇوٽ، ملڪي تذويراتي ذخيرن جي لاءِ کنڊ جي درآمد ۽ ڪڻڪ جي ٻئي انٽرنيشنل ٽينڊر جي ايوارڊ جي حوالي سان فيصلا شامل هئا. ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪميٽي جي 25 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. انهن فيصلن ۾ پاڪستان ٽريڊ ڪنٽرول آف وائلڊ فونا اينڊ فلور ايڪٽ 2012ع ۾ ترميم، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ورڪنگ پارٽي رولز ۽ پاڪستان آرمز رولز 2021ع جي منظوري شامل هئي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته گذريل سال 4700 ارب ر??يا ٽيڪس روينيو جي مد ۾ گڏ ڪيا ويا. گذريل سال جي پهرين 2 مهينن دوران 508 ارب ر??يا اوڳاڙين جي مد ۾ گڏ ڪيا ويا جڏهن ته موجوده سال جي پهرين 2 مهينن دوران 840 ارب ر??يا اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪري رهيا آهيون ۽ اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين. هن چ??و ته ڪابينا جي سي پيڪ بابت ڪميٽي جي 12 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. ان اجلاس ۾ گوادر کي بجلي جي فراهمي جي آپشنز ۽ گوادر جي مارڪيٽنگ جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو هو. ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي 20 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيم گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ جي هيڊ آف ٽرمز، 25 ڪلو واٽ تائين جي نيٽ ميٽرنگ سسٽم جي جنريشن لائيسنس ۽ لڪي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. ان کانسواءِ ان اجلاس ۾ جون 2021ع جي ??ردشي قرضن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي هئي. ڪابينا اجلاس کي جون 2021ع تائين جي ??ردشي قرضن تي بريفنگ ڏني وئي. گردشي قرضن جو ڪاٿو 450 ارب مان گهٽ ٿي 150 ارب ر??يا رهجي ويو آهي ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 2023ع تائين گردشي قرض ٻُڙي تي آڻي سگهجي. ڪابينا محمد امين کي سي اي او لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسٽيڊڪ ٽيڪنالاجي ??مرشلائيزيشن ڪارپوريشن پاڪستان امجد علي اعواڻ جي استعيفيٰ منطور ڪئي وئي. چيئرپرسن ٽيرف ڪميشن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي 23 ۽ 26 آگسٽ جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. اجلاس ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ خرچن جي لاءِ مالي وسيلن تي بريفنگ ڏني وئي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 688 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، اتر پنجاب ۾ موٽروي جو سڀ ک??ن وڏو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، سيالڪوٽ کان کاريان موٽروي جي پهرين مرحلي جي شروعات هلندڙ هفتي ٿيندي، ان تي 27 ارب ر??يا خرچ ٿيندا جڏهن ته کاريان کان اسلام آباد موٽروي ٻئي مرحلي ۾ مڪمل ڪئي ويندي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هيستائين 4.7 ٽريلين رپين جي منصوبن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته اسٽيل ملز جي نجڪاري جي لاءِ اشتهار ڏنو ويو آهي، سروسز هوٽل لاهور جي ??امياب نجڪاري ڪئي وئي آهي، موجوده حڪومت پي آءِ اي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي بهتري لاءِ موثر قدم کنيا آهن. ڪابينا اجلاس ۾ اداراجاتي سڌارن تي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، 2013ع ۾ جڏهن (ن) ليگ اقتدار سنڀال??و ته سرڪاري ادارا 206 ارب ر??يا منافعي ۾ هئا ۽ جڏهن انهن جي حڪومت ختم ٿي ته اهي ادارا 286 ارب ر??يا خساري ۾ هئا، هي ٽيڪس ڏيندڙن جي ??ريل دولت مان وڏين هوٽلن ۾ شاديون ڪن ٿا، موجوده حڪومت ان رجحان کي تبديل ڪيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ڪراچي پورٽ 1947ع کان 2018ع تائين 67 ارب ر??يا ڪمايا پر گذريل ٽن سالن ۾ 43 ارب ر??يا ڪمايا آهن. هن چ??و ته نئين افغان عملدارن افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ڀارت پاران افغان سرزمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چ??و ته افغانستان بابت پاڪستان جي پاليسي واضح آهي ته ڪو فيصلو اڪيلو نه ڪنداسين، پاڪستان، چين، روس ۽ افغانستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس جو اجلاس دوحه ۾ ٿي رهيو آهي، افغانستان جي صورتحال تي وچ ايشيائي ملڪن ترڪي، چين ۽ ايران سان رابطي ۾ آهيون، اسان علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل فيصلا ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جو ٺيڪو ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ان جو افتتاح ڪندو، اهو منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته آرٽيڪل 190 تحت سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد جا پابند آهيون، ماضي ۾ سياسي ڀرتين جي ??ري ادارن کي نقصان پهتو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اداراجاتي ڀرتين جي لاءِ ميرٽ پاليسي متعارف ڪرائي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته پوري دنيا پي آءِ اي جي خدمتن کي ساراهيو آهي، جن طاقتن ان حوالي سان منفي رويو اختيار ڪيو انهن کي سوچڻ گهرجي.
افغانستان ۾ مستحڪم نظام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪابل مان پرڏيهي شهرين کي ڪڍڻ لاءِ فضائي ۽ زميني رستي مدد ڏئي رهيا آهيون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری