اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورتون اسان جي ملڪي آ??ادي جون اڌ کان وڌيڪ آهن، انهن کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت ع??رتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي اڌ آبادي کان ڪم وٺي رهيا آهيون، ان لاءِ عورتن کي نه رڳو گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي پر انهن کي اهڙو بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. هن چيو ته جڏهن مون سروس شروع ڪئي ته 185 جي بيچ ۾ اسان صرف 9 عورت آفيسر هيونسين، هاڻي جيڪي بيچز اچي رهيون آهن انهن ۾ سئو کان وڌيڪ عورتون هونديون آهن، حڪومت چاهي ٿي ته م??ڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته عورت هجڻ جي ناطي آ??ون عورت آفيسرن جي مشڪلن کي چڱي طرح سمجهان ٿي، عورتن جي نمائندگي هر سطح تي هجڻ گهرجي، عورتون ٻنين ۽ گهرن کان وٺي هر ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اڪثر ??نهن جي صلاحيتن ۽ ڪردار جو اع??را?? نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن جي خدمتن جو اع??را?? ڪيو وڃي ته انهن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت ع??رتن کي انهن جا وراثتي ۽ ٻيا حق ڏيارڻ ۽ معاشي طور تي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي.
عورت کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر