اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽريفڪ حادثي ۾ شهيد ??يندڙ پوليس ڪانسٽيبل سهيل احمد خان جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر وفاقي گادي واري شهر اسلام آب??د جي پمز اسپتال ۾ زخمي پوليس ڪانسٽيبل رئيس خان جي به ??يا??ت ڪئي. صدر ان موقعي تي رئيس خان جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. ٻئي اهلڪارن ايوان صدر ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئا ۽ کين موڪل تي گهر ويندي حادثو پيش آيو هو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج