اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها والاريل خطي ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ??اءِ ڀارت کي جوابده قرار ڏيڻ جي ??اءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پراڻي تڪرار جي ??رامن ۽ منصفاڻي حل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 27 آڪٽوبر 2022ع تي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ صدر چيو ته هن سال 27 آڪٽوبر تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. اسان گذريل ساڍن 7 ڏهاڪن کان ڀارتي قابض فوج جي جاري ظلمن جي ??ذمت ڪندي خودمختياري جي حق جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??ربانين کي ياد ڪرڻ جي ??اءِ ڪارو ڏينهن ملهايون ٿا، ان ڏينهن پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ڪيترين ئي نسلن ڀارتي ڏاڍ، رتوڇاڻ ۽ تشدد کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير فوجي گهيراءُ ۾ آهي جنهن ۾ والاريل خطي جي ??اڻهن جي بنيادي آزادين تي سخت پابندين سان وڌيڪ شدت آئي آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان گذريل ٽن سالن ۾ صورتحال ڪافي خراب ٿي آهي جنهن ڀارتي آئي?? تحت ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي خلاف ورزي ڪن ٿا جن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي ??رضي موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪشمير اظهار جي آزادي تي بي مثال پابندين، فرضي مقابلن، گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين، حراستي تشدد ۽ مارجڻ، جبري گمشدگين، سينيئر ڪشميري قيادت ۽ نوجوان ڇوڪرن کي نظربند ڪرڻ، پيلٽ گنز جي استعمال خاص طور تي ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻائڻ، ڪشميرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي ??اءِ گهرن کي ساڙڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي ??ين طريقن جو نشانو بڻيل آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي ??ٿان 690 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميري عدالت کان مٿانهون قتل ٿي چڪا آهن. صدر چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ظلم ۽ ڏاڍ جي بدترين شڪلين جو مقابلو ڪندي مثالي همت ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان انهن هزارين ڪشميرين جي رت جي ??در ڪريون ٿا جنهن ڀارت جي ??اجائز قبضي کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم فوري طور تي واپس وٺي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ