راولپنڊي -22 مئي (اي پي پي) پاڪ فو?? جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير 25 مئي تي يوم تڪريم شهدا?? پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته مضبوط فو?? مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو قيمتي اثاثو ۽ سرمايو آهن. پاڪ فو?? هڪ اداري طور پاڻ سان ڳنڍيل هر شخص کي ۽ ان جي پونئرن کي هميشھ ياد رکي ٿي ۽ اسان جو اهو رشتو هڪ خاندان طور قابل فخر آهي، پاڪ فو?? جو هر سپاهي ۽ آفيسر سڀني علائقائي، لساني ۽ سياسي ۽ تعصبن کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي مٿانهون رکي ٿو. اهڙو اظهار هن جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ غازين جي مانَ ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف آپريشنز دوران بهادري ۽ قوم لاءِ شاندار خدمتن تي پاڪ فو?? جي آفيسرن ۽ جوانن کي فو??ي اعزازن سان نوازيو. 51 آفيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري)، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ۽ 2 جوانن کي گڏيل قومن جي خاص ميڊل جي اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پاڪ فو?? جي سينئر افيسرن ۽ شهيدن جي پونئرن شرڪت ڪئي. آرمي چيف چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظيم قربانين سبب اسان هڪ آزاد فضا م زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته مضبوط فو?? مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي. هن تازو ئي فو??ي ٺڪاڻن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي انتهائي ??فس??سناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهي ناقابل برداشت آهن.
25 مئي تي يوم تڪريم شهداء پاڪستان ملهائڻ جو اعلان، مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز