اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائي??يا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو، ملائي??يا جي واپارين کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ملائي??يا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ملائي??يا سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ملائي??يا سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳوليا وڃن. صدر ??امزد هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو ملائي??يا جي واپاري برادري، چيمبر آف ڪامرس سان رابطن کي فروغ ڏي، گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو خاطرخواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ويليو ايڊيڊ شين جي ذريعي ملائي??يا کي پاڪستان جي درآمد وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ملائي??يا ۾ پاڪس??ان?? افرادي قوت جي سهولت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر ??امزد هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت جي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ به ڪم ڪري. صدر ??نانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي مدد تي ملائي??يا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر ??امزد هاءِ ڪمشنر کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو.
پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی