تاشق??د ?? 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهچي ويو. تاشقند جي عالمي هوائي اڏي تي ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله نمعتويچ عارفوف نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هو سربراه?? اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. نگران وزيراعظم ازبڪ قيادت سميت اجلاس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربرا??ن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم اي سي او ويزن 2025ع تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس