اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ ت??او?? کي وڌيڪ و??يع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل ت??او?? جي حوالي سان ڳالهه ٻول??ه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير سعودي سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي ت??او?? تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻول??ه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? سعودي عرب پاران اسلامي ت??او?? تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي آجيان ڪندي چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي قائم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير ک?? سعودي عرب جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.
اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا