دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين ج?? ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي وزيرا??ظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ج?? اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان ج?? صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن ج?? صورتحال تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن ج?? سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ ت??ريبن کي ساراهيو. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين ج?? ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. نگران وزيرا??ظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن ج?? اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن ج?? شڪار آهي. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزيرا??ظم کي پاڪستان ج?? دوري جي دعوت پڻ ڏني.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات