اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون، بلوچ مظاهرين جا مطالبا پراڻا آهن، نگران حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته ??ها ان معاملي کي حل ڪري. ”ڊان نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ??لوچ مظاهرين ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن کي فوري طوري تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڪجهه مظاهرين کي طبي سهولت پڻ ڏني وئي. هن چيو ته مظاهرين ۾ اڪثر اهي ماڻهو شامل هئا جن جو اسلام آباد ۾ پنهنجو ڪو گهر ??ه هو، اسان انهن کي محفوظ طريقي سان ڪوئيٽا واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو پر مظاهرين واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي رشتيدارن سان گڏ هليا ويا. هن چيو ته ??سان جو مقصد مظاهرين کي محفوظ طريقي سان انهن جي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ هو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گرفتار مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو گرفتار آهن انهن جي جاچ جاري آهي، ان حو??لي سان به جلد سٺي خبر ايندي. هن چيو ته ??سان مظاهرين کي انهن جي پراڻن مطالبن تي غور ڪرڻ جو يقين ڏ??ار??و آهي، نگران حڪومت جو مدو محدود آهي، اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته ??ن معاملي کي حل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??ليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي حو??لي سان اميدوارن جي شڪايتن ج?? نوٽيس ورتو آهي، اميدوارن جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ??سان جي پوري ڪوشش آهي ته ??ن شين جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي، ان جو تدارڪ ٿئي. هن چيو ته ??م امان صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومت قانون تحت ڪارروائي ڪندي آهي. اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون.
ڪجهه سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado