شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان ??وقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پا??ست??ن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هواوي کي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پا??ست??ن جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دع??ت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب هواوي جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين ليانگ هوا وزيراعظم شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پا??ست??ني ملي نغما وڄايا ويا. وزيراعظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين هواوي وزيراعظم کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پا??ست??ن ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پا??ست??ن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پا??ست??ن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ وزيراعظم کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هواوي جي تعاون سان ??ا??ست??ن ۾ ٺهندڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. ب??د ۾ وزيراعظم ۽ پا??ست??ني وفد جي چيئرمين هواوي سان ??طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم هواوي کي پا??ست??ن جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دع??ت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي لاءِ پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف هواوي جي چيئرمن کي پا??ست??ن ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي جلد پا??ست??ن جي دوري جي پڻ دع??ت ڏني. ب??د ۾ وزيراعظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پا??ست??ن جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پا??ست??ن ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين وزيراعظم ۽ پا??ست??ني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.
وزيراعظم پاران شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری