اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد بل اينڊ ميلن??ا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مستحق عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ذريعي غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون ڪي??ن ويون. سينيٽر روبينه خالد بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام جي مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي مجموعي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ معاشي بااختياري ضروري آهي، مالي خودمختياري عورتن جي آزادي ۽ ڪاميابي جي د??يل آهي، مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جي اولين ترجيح آ??ي ۽ بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. بحٿ ۾ اهم اڳڀرائي مان هڪ ٽه ماهي وظيفن جي ورهاست ۾ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام جي شروعات هئي. ان نظام جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته فائدو کڻندڙ صارفين پننهنجي ادائگيون فوري ۽ محفوظ طريقي سان حاصل ڪن. اهڙي طرح پروگرام جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام جي قدمن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان کي ضرورتمندن لاءِ هڪ بهترين فلاحي پروگرام قرار ڏنو. هن ان پروگرام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ غذائي تحفظ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جو اعتراف ڪي??. بل گيٽس چيو ته بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام طرفان غذائيت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جي تعريف ڪيان ٿو. چيئر پرسن روبينه خالد بل گيٽس جي بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام جي منصوبن ۾ مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪي??. هن چيو ته اسان بل اينڊ ميلن??ا گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار لاءِ دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪي??ن ٿا، جيڪو اسان جي معاشري جي سڀ کان وڌيڪ مستحق طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي اسان جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿو.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي بل گيٽس ملاقات غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : quina acumulada