اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ?? اڳوڻي عالمي ۽ برٽش اوپن چيمپيئن جان شير خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جان شير خان جي علاج جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جان شير خان سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ ??وه??ن جون خدمتون ساراهه جو??يون آهن، ??وه??ن کي پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دن??ا ۾ روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي ??وه??ن جي ڪاميابين تي فخر آهي، حڪومت ملڪ ۾ اسڪوائش سميت سمورن رانديگرن جي فروغ جي لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي راندين جي ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
وزيراعظم سان اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي ۽ برٽش اوپن چيمپيئن جان شير خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی