اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات واري و??ارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق حسين شيخ جي و??لده جي لاڏاڻي تي سندس ايصال ثواب لاءِ ف??تحه خواني ڪئي. ڊي جي آءِ پي ونگ عاشق حسين سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو به نعم البد?? نه آهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرن??پل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔