اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ ٻي اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس ڪانفرنس ۽ ايڪسپو کي ورچوئل خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اسلامي ماليات کي هٿي ??يڻ ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. نان بئ??ڪ مالياتي شعبي ۾ اسلامي ماليات جي حوالي سان ريگوليٽري ماحول جي فراهمي، شريعه گورننس فريم ورڪ ۾، شريعه ڪمپلائنس صنعتن ۽ اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان به ڪميشن پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪميشن مالياتي معلومات ۽ صلاحيت ۾ بهتري لاءِ به ڪم ڪ??ي رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن ان حوالي سان 4 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪرڻ تعريف جوڳا آهن. اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن کي انهي عزم ۽ جذبي سان ڪم ڪ??ڻ سميت اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان اسڪالرز، مالياتي ادارن، ريگوليٽري ادارن ۽ انڊسٽري پريڪٽشنرز کي گڏجي ڪم ڪ??ڻو پوندو. جديد ا??لامي مالياتي مصنوعات جي حوالي سان به ڪم ڪ??ڻو پوندو ته جيئن ماڻهن جي ضرورتن موجب انهن کي اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي.
اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل