اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ڪراچي ۾ چين جي ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين جي قونصل جنرل شرڪت ڪئي. صدر ??اڪ??تاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو. وفد ملڪي صحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ ??اڪ??تان ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. صدر چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ گهرا ۽ تا??يخ?? ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ??اڪ??تان ۽ چين اه?? معاملن تي گڏيل مفاد ۽ خيال رکن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل گهري دوستي آهي، گوادر پورٽ کي هڪ علائقائي واپاري ۽ اقتصادي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ منهنجو ويزن هو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان نه رڳو علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علائقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي پڻ فروغ ملندو،م ??اڪ??تاني چيني سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندو. صدر چيو ته ??اڪ??تان چين سان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو، ??اڪ??تان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن، چيني زبان جا ڪورسز ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اه?? قدم ثابت ٿيندو.
پاڪستان ۽ چين جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز