اسلام اباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حڪ??مت- پي ٽي آءِ باضابطه ڳالهين جي اڃا باقائده شروعات ناهي ٿي، ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ طرفان سنجيده ڪوشش يا عمل جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي اجلاس دوران شير افضل مروت جي اعتراض واري نُقطي تي ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ان ايوان ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه خوشگوار تبديلي آهي. هن چيو ته امن امان صوبائي حڪ??مت جي ذميواري هئي، اتي جي حڪ??مت ڪنهن ٻئي مسئلي ۾ اُلجهيل هئي، ان کي پارا چنار نه اسلام آباد نظر اچي رهيو هو، پهرين ذميداري آئيني، ان کانپوءِ سياسي وابستگ??ون اچن ٿيون، انهن کي درخواست آهي ته هو صوبي ۾ امن امان تي به توجهه ڏين. هن چيو ته محبتون پيار سان وڌند??ون آهن، ڌمڪين سان نه، ڪنهن به زبان يا لهجي ۾ ڳالهه ٿيندي ته ناراضگيءَ کي دعوت ڏيندي. ان ايوان 2018ع کان اڄ تائين ڪيتر??ون ئي ناراضگ??ون ڏٺ??ون آه??. ٻ??هي پاسي ناراضگ??ون هوند??ون آهن. هن چيو ته حڪ??مت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ باضابطه طور ڳالهين جي شروعات ناهي ٿي، مان ان بابت قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان به سڌيءَ ريت تصديق ڪئي آهي. باضابطه ڳاله??ون انهيءَ وقت شروع ٿي سگهن ٿ??ون جڏهن ان حوالي سان ٺوس عملي قدم کنيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ايوان ۾ ڳالهه ڪئي وئي ته 12 فوتگين تي افسوس جو اظهار ناهي ڪيو ويو، مون کي 26 نومبر جي فوتگين جو صحيح انگ معلوم ناهي، اتي رينجرز، پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت هئڻ گهرجي ها. هن چيو ته حڪ??راني جڏهن ته پي ٽي آءِ جي هٿ ۾ هئي ته ان وقت اسان سان ڇا ٿيندو هو، اهو به مون کي ياد آهي اڄ جيل ۾ سهولتون گُهر??ون پ??ون وڃن، جيل ۾ مون کي صرف هڪ ڪمبل ڏنو ويو هو ۽ هڪ مصلو ڏنو ويو، ان مان 12 سخت ٿڌ??ون رات??ون گذار??ون . مون خلاف آرٽيڪل 6 لڳايو ويو، ماضيءَ کي هڪدم وِساري نٿو سگهجي. وفاقي وزير چيو ته گن پوائنٽ، اسلام آباد تي حملي، سول نافرماني جو سڏ ڏيندڙن سان ڳاله??ون نه ٿ??ون ٿي سگهن. تضاد سان اڳتي نٿا وڌي سگهون، هاڻي سول نافرمانيءَ جو سڏ ڏنو ويو آهي. اهو ڪري وٺو، ان کانپوءِ ڳاله??ون ڪنداسين. سياستدان معاملن جي حل لاءِ ڌمڪ??ون ناهن ڏيندا. هن چيو ته تبديلي اهڙي اچڻ گهرجي جنهن سان سٺو ماحول جُڙي سگهي.
حڪومت- پي ٽي آءِ باضابطه ڳالهين جي اڃا باقائده شروعات ناهي ٿي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت