رياض-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن آڏو هڪ انتهاپسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي نسخن کي شهيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي، عرب نيوز مطابق پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ سعودي عرب طرفان ان قسم جي بار بار ڪيل نفرت انگيز قد??ن کي مڪمل طور تي رد ڪندي پنهنجي موقف جو ورجا??ُ ڪندي چيو ته ان قسم جي قد??ن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته ان قسم جا قدم واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي هوا ڏئي رهيا آهن. رواداري، اعتدال پسندي جي قدرن کي ??ٿي وٺائڻ ۽ انتهاپسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي سڌي ريت نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته اهڙا قدم فردن ۽ ملڪن وچ ۾ ناتن جي ضروري گڏيل احترام کي ختم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ هاڻوڪن مهينن دوران عوامي سطح تي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي مسلمان ملڪن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري ل??ر پکڙيل آهي.
دي هيگ ۾ سفارتخانن ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سعودي عرب طرفان سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث