گڏيل قومون-12 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته وڌيڪ پرامن، پائيدار ۽ منصفاڻي دنيا جي جوڙجڪ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ عالمي سطح جي بحران جي حل لاءِ وڏي پئماني تي تبديلين جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن ٽرانسفارمنگ ايجوڪيشن تي منعقد خصوصي تقريب ۾ چئي، جيڪا جاري اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جو حصو آهي. ان تقريب ۾ گڏيل قومن جي سربراهه سمورن م??ڪن تي زور ڀريو آهي ته هو سکڻ جي حقيقي ماحول جي جوڙجڪ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن جيڪي ٻارن کي ننڍپڻ کان وٺي بالغ ٿيڻ تائين سکڻ جا موقعا فراهم ??ري. هن چيو ته دنيا تعليمي نظام ۾ ڊگهي مدي واري تبديلي جي سٽ نٿي سهي سگهي. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته موجوده تعليمي نظام کي تبديل ڪرڻ جا قدم نه کڻڻ جي صورت ۾ 2030ع تائين تقريبن 84 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر رهندا. ان جو مطلب آهي ته پائيدار ترقياتي هدفن جي چوٿين هدف (ايس ڊي جي 4) جنهن جو مقصد جامع ۽ هڪجهڙي معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ سڀني لاءِ سڄي زندگي سکڻ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي، تائين پهچڻ جو امڪان ناهي. في الحال دنيا ۾ صرف 16 يا 17 سيڪڙو ملڪ معياري تعليم تائين عالمي رسائي جي ايس ڊي جي 4 هدف کي حاصل ڪرڻ تي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهو واقعي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سب صحارا آفريقا ۾ تقريبن 70 سيڪڙو ٻار 10 سا??ن جي عمر تائين ڪا تحرير به نٿا پڙهي سگهن. سيڪريٽ??ي جنرل چيو ته معياري تعليم جي فراهمي لاءِ فراهم ??يل مالي وسيلا به ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهن، يونيسڪو 2023ع ۾ اندازو لڳايو ته اسرندڙ م??ڪن کي ايس ڊي جي 4 کي حاصل ڪرڻ لاءِ سا??يانو 100 بلين ڊالرن جي سيڙپڪا??ي جي ضرورت هوندي ۽ جڏهن تعليم جي ڊجيٽل تبديلي جي خرچن تي غور ڪيو وڃي ته اها رقم تقريبن 50 سيڪڙو وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي سطح تي هر 10 مان چار ماڻهو اهڙن م??ڪن ۾ رهن ٿا جتي حڪومتون تعليم يا صحت بدران قرضن جي ادائيگين تي وڌيڪ خرچ ڪن ٿيون. هن چيو ته 2022ع ۾ ٽرانسفارمنگ ايجوڪيشن سمٽ ۾ 140 کان وڌيڪ م??ڪن ان بحران کي حل ڪرڻ جو عزم ڪيو پر ان حوالي سا?? اڳڀرائي گهڻي سست ۽ ناهموار آهي. سيڪريٽ??ي جنرل تعليم بابت خصوصي ايونٽ ۾ عالمي تعليمي بحران کي ختم ڪرڻ ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقياتي هدفن جي چوٿين هدف (ايس ڊي جي 4) کي حاصل ڪرڻ طرف رفتار وڌائڻ لاءِ چار نڪاتي منصوبو بڻايو آهي.
تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سڀ کان وڌيڪ اهميت واري آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ