واشنگٽن – 13 آگسٽ (اي پي پي )آمريڪا بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه ??اج?? جي حڪومت ڪيرائڻ ?? پنهنجي مداخلت ب??بت الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ان معاملي ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪرائن جين پيئر پريس بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته بنگلاديشي حڪومت جي ڪيرائڻ ?? اسان جو ڪو ڪردار ناهي ، ان معاملي ۾ اسان جي ملوث هجڻ بابت اط??اع يا افواهون سراسر غلط آهن . هن چيو ته اسان سمجون ٿا ته بنگلاديش جي عوام کي پنهنجي حڪومت جي مستقبل جو پاڻ کي فيصلو ڪرڻ گهرجي . واضع رهي ته گذريل ڏينهن ڀارت ۾ اڪنامڪ ٽائيمز اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ حسينه ??اج?? جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو هو ته آمريڪا کيس بي دخل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ڇو ته هو بنگلاديش جي نار بنگال ۾ واقع ٻيٽ سينٽ مارٽن تي پنهنجو ڪنٽرول چاهي ٿو. اخبار چيو آهي ته حسينه ??اج?? اهو پيغام پنهنجي ويجهن ساٿين ذريعي کين پهچايو هو . حسينه ??اج?? جي پٽ ان کان پوءِ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس والده اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو.
حسينه واجد جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ مداخلت بابت الزام بي بنياد آهن، ان ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔