اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاه?? محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي متفقه طور تي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. مقامي هوٽل ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ پي ٽي آءِ جي تر??مان فواد چوڌري ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي شاه?? محمود قريشي چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو پهريون با??اب??ا اجلاس ٿيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تحريڪ انصاف اها پارٽي آهي جنهن تي طرح طرح جي تنق??د ڪئي ويندي هئي پر اڄ اها پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ يقينن وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي جنهن جي نمائندگي پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا ۾ پڻ آهي.
پارلياماني پارٽي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم