اسلام آباد – 06 آگ??ٽ (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 1970ع ۾ عوام مستحڪم سياسي اشرافيه کي شڪست ڏني، 70ع جي ڏها??ي کانپوءِ اڄ عوام ٻه پارٽي نظام کي شڪست ڏني آهي، عوام اسان مان روايتي طرز سياست ۽ حڪومت جي اميد نه ٿي رکي، عوام اسان کي روايتي سياسي پارٽين کان جدا ڏس?? ٿي، 22 سالن جي جدوجهد جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيو، توهان کي قوم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري س??هجي، آئون فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪندس، برطانيا جي طرز تي هر هفتي بطور وزيراعظم هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندس، وزيرن کي پڻ صحي?? معنيٰ ۾ جوابده بڻائينداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي پهرين باضابطا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کڑک