ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ جي قرضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايش??ا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پاڪ??تا?? جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مدي وارو به آهي، سي پيڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي ر??زگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪ??تا?? جي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايش??ا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.
هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔