ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان پاڪستا?? ۽ ??ريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ لاءِ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏ??ندي چيو آهي ته پاڪستا?? ۽ ??ريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان آئنده به سريلنڪا جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪولمبو ۾ ايوان صدر ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم ??مران خان پاڪستا?? ۽ ??ريلنڪا جي وچ ۾ اعتماد، هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد تي هموار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ذريعي اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏ??و، وزيراعظم پاڪستا?? ۽ ??ريلنڪا جي وچ ۾ خاص طور زراعت، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راند، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي زور ڏ??و ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اهيمت به بيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۽ ??ريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن مستقبل ۾ به سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے