اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علاج سان گڏوگڏ بيمارين کي روڪڻ ۽ انهن کا?? بچاءُ لاءِ احتياط ۽ پرهيز به لازمي آهي، ان حوال?? سان طب جي شعب?? سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماڻهن کي بيمارين کا?? بچڻ جي حوال?? سان وڌ کا?? وڌ آگاهي ڏيڻ سان صحت ۾ بهتري جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروس اڪيڊمي ۾ 11 هين سالياني پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل هيلٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد، يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس لاهور جي و??ئي?? چانسلر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ۽ هيلٿ سروس اڪيڊمي جي و??ئي?? چانسلر شهزاد علي به خطاب ڪيو. صدر صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ علاج سان گڏوگڏ بيماري کا?? بچاءُ ماڻهن ۾ احتياط ۽ پرهيز جهڙن روين کي فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان جو نظام بيمارين جي علاج لاءِ ڊاڪٽر تيار ڪندو آهي جڏهن ته علاج کا??سواءِ بيماري کا?? بچاءُ لاءِ اڳواٽ احتياط جي به وڏي اهميت آهي. ان حوال?? سان طب جي شعب?? سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون بدلائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته صفائي سٿرائي ۽ صحت جي اصولن کي اخيتار ڪري بيمارين کا?? وڏي حد تائين محفوظ رهي سگهجي ٿو. اسان جو مذهب اسلام پاڪيزگي ۽ طهارت اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آهي جيڪو صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي، صدر چيو ته طب جي شعبي وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ وڏين وڏين بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر گڏوگڏ نيون بيماريون به جنم وٺي رهيون آهن جنهن کا?? بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي، نون ڄاول ٻارن کي لازمي ماءُ جو کير پيارڻ ۽ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جهڙي صحت جي موضوعن تي عام ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري ان حوال?? سان آگاهي جي کوٽ آهي ۽ ان سان صحت جا سنگين مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان طرف به مناسب ڌيان ڏ??ڻ جي ضرورت آهي. صدر هيلٿ سروس اڪيڊمي جي خدمتن ک?? ساراهيندي چيو ته ان جا معاشري تي اثر نظر اچڻ گهرجن، ان کا?? اڳ هيلٿ سروس اڪيدمي جي و??ئي?? چانسلر شهزاد علي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي صدر پاران هيلٿ سروس اڪيڊمي جي اعليٰ ترين سطح تي سرپرستي فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن هيلٿ سروس اڪيڊمي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.
علاج سان گڏوگڏ بيمارين کي روڪڻ ۽ انهن کان بچاءُ لاءِ احتياط ۽ پرهيز به لازمي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں