ملتان – 07 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته حڪومت لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي تدارڪ لاءِ وزيراعظم عمران خان ا??سا?? ڪفالت پروگرام جو آغاز ڪيو آهي ان پروگرام تحت ا??سا?? راشن رعايت منصوبي جو به بنياد رکيو ويو آهي، حڪومت ڏکڻ پنجاب ۾ ا??سا?? محرومي جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻندي ميگا پراجيڪٽس جو بنياد رکيو آهي جنهن ۾ نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ پراجيڪٽ به شامل آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ ڪمشنر آفيس ۾ اسيمبلي ميمبرن ۽ ضلعي کاتن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڊاڪٽر ارشاد احمد، ڊپٽي ڪمشنر عامر ڪريم خان، اسيمبلي ميمبرن ملڪ عامر ڊوگر، ابراهيم خان، جاويد اختر انصاري، انفارميشن بابت خاص مددگار نديم قريشي، سليم لابر، سبين گل، ايم اين اي احمد حسن ڊيهڙ، واصف مظهر ران، وسيم خان بادوئي، ميان طارق عبدالله، ظهير الدين عليزئي به شريڪ هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو ته حڪومت جي ساک جي بهتري لاءِ کاتا وڌيڪ منفرد قدم متعارف ڪرائين ت?? جيئن عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير ??يو ته ڏکڻ پنج??ب جي ترقي تي حڪومت جو خصوصي فوڪس آهي ۽ ان سلسلي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ اربين روپين جي منصوبن جو بنياد رکيو ويو آهي. حڪومت نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ جا ميگا پراجيڪٽس ڏنا آهن. شاهه محمود قريشي ??يو ته حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ ا??سا?? راشن ۽ ا??سا?? سبسڊي پروگرام جو به آغاز ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي وزير ??يو ته عوام کي سڌو سنئون رليف ڏيڻ لاءِ بنا فرق جي صحت ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو آهي، صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج بنا معاوضي فراهم ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??يو ته 3 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ خاندان ا??سا?? ڪفالت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪري چڪا آهيون جڏهن ت?? 80 لک خاندانن کي 12 هزار روپيا ماهوار امداد ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??يو ته ا??سا?? ڪفالت پروگرام عوام کي رليف ڏيڻ جو انقلابي منصوبو آهي ا??سا?? پروگرام تحت تعليمي وظيفا، راشن رعايت منصوبو به جاري آهي. ا??سا?? راشن پروگرام تحت خصوصي سبسڊي به ملندي جڏهن ت?? 2 ڪروڙ خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ مقصد آهي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??يو ته دڪاندارن کي سمورين ضروري کاڌي پيتي جي شين جي وڪري تي 8 سيڪڙو ڪميشن ملندي.