اسلام آباد – 07 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پا??ستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پا??ستان جي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پا??ستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پا??ستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پا??ستانين جي ميزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي ??عودي عرب ۾ پا??ستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پا??ستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدالعزيز وزيراعظم کي سعودي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ پا??ستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پا??ستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پا??ستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج