اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص ط??ر تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدان ۾ قوم کي تيار ??رڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صدر کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ??رڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ان جي مهارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز ??خل??ق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هي??من??يز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ ??ئن??جمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ??رڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، ??ئن??جمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي وڌندڙ گهرج کي پورو ??رڻ جي لاءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ??رڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص ط??ر تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ شاگردن جي مهارت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي وڌندڙ گهرج کي پورو ??رڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار کي به وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ??رڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ??رڻ سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي منصوبن کي اختيار ??رڻ جي ضرورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ سائنس جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں