اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات واري وز??رت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وز??رت جي ٻين اعليٰ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس و????رت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي ف??ال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي ف??وغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وز??رت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي ف??اهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلاعات واري وز??رت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي ف??اهمي ۾ اهم ڪردار کي ف??اموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد ??و اظهار ڪيو ته اطلاعات واري وز??رت جا سمورا ادارا عوامي مفاد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلاعات واري وز??رت ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وز??رت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل