اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي ??ولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ت?? انشورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک روپين جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو پاليسي ??ولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي انشورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ت?? انشورنس ڪمپني پاليسي ??ولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪم??يو?? شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ??يو??ن صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف انشورنس مان پاليسي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ڪيا، پاليسي ??ولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته انشورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ت?? وفاقي انشورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ انصاف جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ت?? پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس پاليسي ??ولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ت?? ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئي وڃي.
صدر پاران جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2