اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس ??ي ذخيرن مان عوام کي گئس ??ي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئ??. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي عوام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس ??ا ذخيرا دريافت ٿيا هئ??. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گئس ??ي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ??تر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس ??ي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي عوام کي به دريافت ٿيل گئس ??ا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀل??ئي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.
وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس عوام کي فراهمي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania