اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جن??ن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽج?? حصيداري مثالي آهي ۽ پاڪستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري چين جي حڪومت ۽ عوام جي پاڪستان سان محبت جو واضح ثبوت آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چين جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ ن??وڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت چين پاڪستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جن??ن تي مون سميت سڄي قوم چين جي حڪومت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چيئرمين ليوجنگ، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چيني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چين جي پاڪستان ۾ ن??وڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وزيراعظم کي ڪي ٿري کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو.
چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس