اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن پاڪستان جي عوام جي ر??شن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ??هي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته 1973ع جي آئين جي منطوري جي ياد ۾ هر سال 10 اپريل تي ”قومي آئين جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد پروقرار ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي قرارداد ڪنوينشن ۾ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي هي ڪنوينشن قرار ڏي ٿو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل ??هي ته حاڪميت اعليٰ رڳو الله تعاليٰ جي ??هي ۽ ان جي ڏنل ان اختيار کي پاڪستان جي عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ذريعي الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهي استعمال ڪندي، اهو ته 10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ آئين پاڪستان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان آهي، اهو ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح ۽ حضرت علامه اقبال سميت پاڪستانين جي بانين جي ڏاهپ جو عڪس ??هي ۽ جمهوريت، برابري، آزادي ۽ انصاف جا اصول رکندڙ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ??هي ته 1973ع جو آئين تنوع ۽ پاڪستان جي اتحاد جو منفرد مظهر ??هي ته اهو صوبن جي وحدت ۽ وف??ق جي سياسي اتحاد کي يقيني بنائيندي ان جي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿو، 1973ع جو آئين اصولن جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميا جي ر??نمائي ۽ جذبي جو ذريعو آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ??هي ته 1973ع جي آئين ۾ گذريل سالن دوران پاڪستان جي عوام جي تبديلي ٿيندڙ ضرورتن ۽ خواهشن کي سهيڙڻ جي لاءِ ترميم ٿيندي ر??ي ??هي ۽ يقيني بڻايو ويندو رهيو ته آئين وقت جي موجب پنهنجي اهميت برقرار رکي. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ان جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ??هي ته هي ڪنوينشن پاڪستان جي پارليامينٽ تي زور ڏي ٿو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين 1973ع جي خوشي ملهائيندي پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن 1973ع جي آئين جو بنياد رکيو ۽ انهن س??ور??ن شخصيتن کي به خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن گذريل سالن دوران آئين جي بهتري ۽ ترقي ۾ ڪوششن جي صورت ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. 1973ع جي آئين کي پاڪستان جي جمهوريت جو بنياد تصور ڪريون ٿا جيڪو پاڪستان جي انتظام هيٺ س??ور?? خطن جي س??ور?? طبقن کي نمائندگي ۽ شرڪت فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ ڏنل جمهوري اصولن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي بالادستي جي وچن جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آيه ته 1973ع جي آئين تي عمدلرآمد، ان جي بالادستي، آئين ۾ ڏنل اصولن، قدرن ۽ مقصدن جي بالادستي ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدليه، انتظاميا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار جي تحسين ڪري ٿو، قرارداد ۾ چيو ويو ??هي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي ڪنوينشن 1973ع جي آئين جي تياري ۽ منظوري جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ وفاقيت (فيڊرل ??زم)، اختيارن جي ٽن رياستي ادارن ۾ ورڇ، عدليه جي آزادي ۽ غيرجانبداري، صوبائي خودمختياري ۽ شهرين جا بنيادي حق لکيل آهن. ڪنوينشن قرارداد ۾ فيڊرل ??زم جي اصولن کي بالادست رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ??هي جيڪو دستور جي بنيادي جزن مان آهي، هي ڪنوينشن اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي ر??ح موجب ان جو دفاع، سلامتي ۽ حفاظت جو وچن ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ??هي ته اسلاميه جمهوريه پاڪستان جي آئين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ۽ ان يقين تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجي ان جي ر??نمائي ڪندو رهندو ۽ انهن کي جذبو ڏياريندو رهندو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ڪنوينشن 10 اپريل 2023ع تي قومي دستور ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ٿو جيڪو هر سال 1973ع جي آئين جي منظوري جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ملهايو يوندو. هي ڏينهن پاڪستان جي عوام کي آئين ۽ ملڪ جي لاءِ ان جي اهميت کان آگاهه ڪندو. قرارداد ۾ چيو ويو ??هي ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي اهي قرارداد منظور ڪندي اهو وچن ڪري ٿو ته پاڪستان جي عوام جي ر??شن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين جي بالادستي ۽ ان جي اصولن جي پاسداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن، پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا