سانگهڙ – 13 ??ون (اي پي پي) سنڌ حڪومت عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان بائپر جوئي جي حوالي سان جاري ڪيل هاءِ الرٽ جي سلسلي ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنر سان زوم ٽيڪنالاجي ذريعي اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد چيو ته اسان سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، سمورن آفيسرن ۽ ملازمن ??ون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ۽ نيڪال وارن نالن جي صفائي ۽ بل بورڊز ۽ دڪاندارن کي سندس ڇپرا هٽا??ڻ لاءِ خبردار ڪيو ويو آهي ۽ حيسڪو آفيسر کي گهرجي ته هو ڪ??هن به هنگامي صورتحال ۾ غير ضروري لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪ?? . ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ وڌيڪ چيو ته ڪنٽرول روم کي فعال ڪيو ويو آهي جيڪو 14، 15، 16 ??ون 2023 تائين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. ضلعي ۾ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ 0235920117 تي رابطو ڪري سگ??جي ٿو. ان کان علاوه پبلڪ هيلٿ، صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ آبپاشي کاتي ??ون ٽيمون ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته ڪو به آفيسر ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏي.
سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي اسان سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن: ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina