اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چ??ڙهو نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي دنيا جي نئين بلند ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي م??ارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر پا??ست??ن جو نالو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ارادا بلند جبلن کان به بلند آهن، ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني پا??ست??ني باهمت عورتن جون ??مائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ارادي ۽ مقصد کي م??ڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني ۽ ان جهڙيون ??وم جون ??يون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پا??ست??ن جو نالو بلند ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪياني ٻي پا??ست??ني عورت جبل چ??ڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ثمينه بيگ پهرين پا??ست??ني عورت جبل چ??ڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.
وزيراعظم پاران نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک